سراج سنڌي ٻولي ۽ ادب جو اهڃاڻ

سراج سنڌي ٻولي ۽ ادب جو اهڃاڻ

سراج سنڌي ٻولي ۽ ادب جو اهڃاڻ

سراج: سنڌي ٻولي ۽ ادب جو اهڃاڻ (ڪتاب): نامور عالم ۽ لسانيات جي ماهر سراج ميمڻ جي وفات کانپوءِ اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيل مقالن، تاثرن ۽ ڪجهه لکايل مضمونن تي مشتمل هيءُ ڪتاب خالد چانڊيي جو ترتيب ڏنل آهي، جيڪو سرسوتي ساهت گهر، ڏوڪريءَ طرفان اپريل 2013ع ۾ ڇپايو ويو آهي. ڪتاب جو انتساب اردو زبان جي نامياري ترقي پسند اديب مظهر جميل جي نالي ڪيو ويو آهي، جنهن ’جديد سنڌي ادب‘ جهڙو ڪتاب لکي سنڌي ٻولي ۽ ادب جي اهم خدمت ڪئي آهي. هن ڪتاب ۾ سراج جي ڪيل خدمتن ۽ زندگيءَ تي 23 مضمون شامل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو